ڌناڻي، محمد رفيق

ڌناڻي، محمد رفيق

ڌناڻي محمد رفيق

ڌناڻي، محمد رفيق: جاگرافيءَ جي ماهر، ليکڪ ۽ استاد، محمد رفيق ولد عبدالغفور ڌناڻيءَ، 10 فيبروري 1952ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ 1966ع ۾، ڊي. اين. هاءِ اسڪول چاندپور، ڪوملا مان، انٽر 1969ع ۾ چاندپور ڪاليج، ڪوملا مان، بي. ايس. سي (آنرس) 1975ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان، ايم. ايس. سي جاگرافيءَ ۾ 1976ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. ايس. سي (پلاننگ) 1989ع ۾ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي بينڪاڪ، ٿائيلينڊ مان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1976ع ۾ عربيءَ جو ڪورس، 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اسٽيٽسڪس ۾ ڊپلوما، مهراڻ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪمپيوٽر پروگرام ۽ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 2004ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊپلوما ڪئي آهي. محمد رفيق ڌناڻي 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1986ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ 1996ع کان ايسوسيئيٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. محمد رفيق ڌناڻي، ڊسمبر 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمئن مقرر ٿيو، جنهن تي نومبر 2000ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.02.10  عيسوي

جاگرافيءَ جي ماهر، ليکڪ ۽ استاد، محمد رفيق ولد عبدالغفور ڌناڻيءَ، 10 فيبروري 1952ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀولو پهلوان
دلمراد خان کوسو
راشد منهاس
اسلم فرخي ڊاڪٽر
الطاف شيخ
جمعو شيدي 1
قاضي واجد
رضوي سيد محمد ظهير
جاڙڪ خان
حاجي غلام حسين ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون